'اڪبر ساگر' جون تصويرون
 اڪبر ساگر جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

اڪبر ساگر

اڪبر ساگر: سندس اصل نالو علي اڪبر جوکيو آهي، شڪارپور جو ناميارو شاعر آهي. هو 1- آڪٽوبر 1956ع تي ڳوٺ چوڏهيو سڌايو، شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. بي. اي ايگريڪلچر انجنيئرنگ ۽ ايم اي (ايڪانامڪس) ۾ ڪئي آهي. هن وقت ايگريڪلچرل ڊولپمينٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. سندس شاعريءَ جا 3 مجموعا شايع ٿي چڪا آهن......


ساگر ڏهراج

ساگر ڏهراج: شاعر ۽ اديب ساگر ڏهراج جو اصل نالو نبي بخش ولد لونگ خان ڏهراج آهي. هن جو جنم ٽنڊي آدم شهر ۾ 3 آگسٽ 1962ع تي ٿيو. ابتدائي پنج درجا گورنمينٽ سنڌي (مئن) پرائمري اسڪول ٽنڊي آدم مان پڙهي، مئٽرڪ 1977ع ۾ گورنمينٽ شاهه عبداللطيف هاءِ اسڪول ٽنڊي آدم مان ڪيائين. گرئجوئيشن نيو عليڳڙهه ڪاليج ٽنڊي آد.....


اڪبر حيدر سومرو

اڪبر حيدر سومرو : پروفيسر ڊاڪٽر اڪبر حيدر سومري 18 سيپٽمبر 1947ع تي لاڙڪاڻي ۾ غلام حيدر سومري جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد روينيو کاتي ۾ سپروائيزر جي عهدي تي فائز هو. هن پرائمري تعليم شاهه محمد اسڪول مان ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1962ع ڪئي. ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج.....


علي اڪبر سومرو

سومرو، علي اڪبر: سنڌ جو نامور مصور علي اڪبر ولد محمد موسيٰ سومرو، 17 جنوري 1935ع تي سکر شهر ۾ ڄائو، جڏهن ته سندس اباڻو ڳوٺ باگڙجي، ضلعو شڪارپور هو. هن سنڌي ورنيڪيولر فائنل جو امتحان 1950ع ۾ پرائمري اسڪول باگڙجيءَ ۾ ڏنو. علي اڪبر سومري بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي، ان کان سواءِ اليمينٽري ۽ انٽر ڊرا.....


سيد علي اڪبر شاهه

سيد علي اڪبر شاهه: سيد علي اڪبر شاهه، 2 فبروري 1901ع تي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾، سيد احمد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم جا چار درجا پرائمري اسڪول ميهڙ ۾ پڙهيو ۽ هاءِ اسڪول ۾ صرف ٽي درجا انگريزي پڙهيو. فارسي تعليم ۽ ناظره قرآن پاڪ مولوي عبدالوهاب ڪنڀر ڳوٺ گاهي مهيسر واري وٽ پڙهيو ۽ عربي صرف و.....


سيد علي اڪبر شاهه ثاني

سيد علي اڪبر شاهه (ثاني): شاعر سيد علي اڪبر شاهه ولد سيد مير جان الله شاهه (ثالث) 1861ع ۾ تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هي شاهه عنايت شهيد جي خليفي مير جان الله شاهه (اول) جي اولاد مان هو ۽ ساڳيءَ درگاهه جو سجاده نشين پڻ هو. ڪيترائي هندو ۽ مسلمان سندس معتقد هئا. سنڌي، سرائيڪي، پارسي ۽ اردو ٻولي جو ش.....


شبير ساگر

شبير ساگر: ٻاراڻي ادب جي بهترين ليکڪ شبير ساگر، 22 جنوري 1971ع تي ڪوٽ عالمو، تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي. هن ٻاراڻي ادب ۾ لکڻ جو آغاز 1981ع ڌاري ‘گل ڦل’ رسالي کان ڪيو. جنهن بعد سندس ڪيتريون ڪهاڻيون گل ڦل کان سواءِ ٻالڪ رنگ، ساٿي ۽ سنڌي ٻارڙا ۾ شايع ٿيون. هن ٽنڊي ڄام ما.....


پريم ساگر

پريم ساگر (ڪتاب): هي ڪتاب فقير غلام علي مسرور بدويءَ جي سرائيڪي، اردو، هندي ۽ فارسي ڪلام جو مجموعو آهي، جيڪو سندس لائق فرزند بيدل مسرور بدوي ترتيب ۽ تحقيق سان مسرور پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران جولاءِ 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، ڪتاب جو انتساب سنڌ جي ”ان ولي الله، پاڪباز مالڪ، بحر فيض مرشد راهه هدايت شهنشاهه .....


صبا اڪبر آبادي

صبا اڪبر آبادي : اردوءَ جو ناميارو شاعر ۽ ليکڪ صبا اڪبر آبادي 1908ع ڌاري اڪبر آباد، ڀارت ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو خواجه محمد امير هو. شروعاتي تعليم گهر ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ علي ڳڙهه مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هو مالي حالتون بهتر نه هئڻ ڪري تعليم جو سلسلو جاري رکي نه سگهيو. هن 1928ع ۾ ادبي ماهوار.....


صديق اڪبر رضي الله عنه جا فيصلا

صديق اڪبر رضي الله عنه جا فيصلا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب محمد صالح کهڙي جو ترتيب ڏنل آهي. ڪتاب ۾ ڪل ٻارنهن باب شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل ٻولي نهايت ئي سليس ۽ عام فهم آهي. 152 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 2016ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن جي قيمت 180 روپيا آهي......


تاريخ سنڌ ساگر

تاريخ سنڌ ساگر (ڪتاب): سنڌ جي تاريخ جي موضوع تي هيءُ ڪتاب ناليواري محقق ۽ استاد حافظ عبدالستار ڪوريجي لکيو آهي. ڪتاب ۾ ڪل يارهن باب آهن ڪتاب جي شروعاتي بابن ۾ انسان جي پيدائش، سنڌ ملڪ جو نالو، موجوده سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ لهجا، عربي دؤر شامل آهن. هن ڪتاب جي آخري باب ۾ اڻويهين ۽ ويهين صدي عيسوي ڌاري سنڌ .....


 پوئتي   1   2   3  4